پيوند/ پيوندڪاري

پيوند/ پيوندڪاري

پيوند پيوندڪاري

پيوند/ پيوندڪاري: هڪڙي وڻ جي قلم کي ٻئي وڻ ۾ هڻڻ کي ”پيوند“ چئبو آهي. هي باغاين جو هڪ اصطلاح آهي، جنهن موجب هڪ وڻ جو قلم ٻئي وڻ ۾ هنيو ويندو آهي، جيئن زيتون جو قلم ڄمونءَ جي وڻ ۾ هڻندا آهن، جنهنڪري زيتون جو ڦل کاڌي ۾ ڄمون جو ذائقو ڏيندو آهي. هن عمل کي چشمو هڻڻ به چوندا آهن. پيوند ٻيرن ۾ تمام گهڻو ٿيندو آهي. ’پيوند‘ جي لفظي معنيٰ ’چتي‘ آهي. ڪپڙن ۾ به چتيون يا پيوند لڳندا آهن. اصطلاحي معنيٰ ۾ ’پيار جو پيوند لڳڻ‘ به مستعمل آهي.
ٻوٽن جي واڌ ويجهه جو اهو طريقو، جنهن ۾ ٻن ملندڙ جلندڙ ٻوٽن جا حصا، اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي سان جوڙيا ويندا آهن، جو اهي هڪ ٻوٽي طور پرورش اختيار ڪندا آهن. پيوند (ٽاري، اک يا قلم) ٿڙ يا ٽاريءَ سان جڙجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجون خاصيتون برقرار رکندو آهي. گهڻو ڪري ننڍن ٻوٽن ۽ پختي عمر جي وڻن ۾ پيوند لڳايو وڃي ٿو. هيءُ طريقو ميوو ڏيندڙ وڻڻ جي پرورش لاءِ، خاص ڪري انب، ٻير، انگور ۽ نارنگيءَ وغيره جي باغن ۾ تمام اهم سمجهيو ويندو آهي. جنهن ٻوٽي ۾ پيوندڪاري ڪئي ويندي آهي، ان کي اسٽاڪ (stock) سڏبو آهي. قلم پنهنجي آبائي ٻوٽي وانگر ئي واڌ کائيندو آهي ۽ اسٽاڪ جي خاصيت نه وٺندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو